واشنگٽن – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جو جديد ??رين ايف 35 ويڙهاڪ جهاز ڏکڻ ڪيرولاينا جي شهر نا??ٿ ڪارلسٽن جي ايئر بيس تان اڏام کان پوءِ لاپته ٿي ويو آهي، آمريڪي فوج عوام کي ان جهاز جي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. جهاز جو پائليٽ پنهنجي سيٽ ايجيڪٽ ڪري حفاظت سان زمين تي لهيو آيو . جوائنٽ بيس ڪارلسٽن ۾ مقرر آمريڪا جي ميرين ڪور جي آفيسرن مطابق پيراشوٽ ذريعي حفاظت سان لهڻ کان پوءِ پائليٽ کي مقامي اسپتال نيو ويو جتي سندس حالت مستحڪم هئي. پائليٽ ٻڌايو ته جهاز ۾ نقص جي خبر پوڻ تي هن پاڻ کي ايجيڪٽ ڪرڻ کان اڳ جهاز کي آٽو پائليٽ موڊ تي آندو هو.
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم