رياض- 13 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي آثار قديمه اٿارٽي جو چوڻ ??هي ته مملڪت جي ڏکڻ پاسي ريجن عسيري جي جر?? ڪمشنر ي ۾ وڌيڪ ايراضي تي پکڙيل آثار قديمه دريافت ٿيا آهن .سعودي پريس ايجنسي موجب دريافت ٿيندڙ آثار رهائشي ڪمپانڊز جي شڪل ۾ آهن گهرن جون ڀتون پٿرن ۽ گارن سان ٺاهيو ويون هيون . اهي آثار گذريل مهم دوران سائٽ جي اتر پاسي دريافت ٿيندڙ آثار جو تسلسل آهي. سائٽ تي ڪم ڪندڙ ٽي?? جو چوڻ ??هي ته دريافت ٿيندڙ آثار ۾ ان دور جو آبپاشي نظام به ??هي جنهن مان اهو معلوم ٿو ٿئي ته ان زماني ۾ پاڻي کي رهائشي علائقي تائين پهچايو ويندو هيو . دريافت ٿيندڙ آثارن ۾ شهري آبادي کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ کوهه به ٺاهيو ويو هيو مهم ۾ گرينائيٽ پٿر به دريافت ٿيو ??هي . جنهن تي اسلامي نقش نگاري ٿيل هئي سائٽ تي وڏي انگ ۾ روز مره جي استعمال جي قديم شين ۾ مٽي جا ٿانو ۽ صراحيون به دريافت ٿيون آهن.
سعودي عرب ۾ قديم شهر جا آثار دريافت
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ