بيجنگ -30 مئي(اي پي پي ) چين جي صدر رشي جن پنگ غزه ۾ تقريبن اٺن مهينن کان جاري جنگ کي انتهائي سنگين معاملو قرار ??يندي چيو ته غزه جي صورتحال انتهائي سنگين ۽ اسان لاءِ ت??ليف جو سبب آهي ??لع??بيه موجب هن پنهنجي مصري هم منصب عبدالفتاح السيسي سان بيجنگ ۾ ڳالهائيندي چيو ته فلسطين اسرائيل تڪرار ۾ وڏوانگ ۾ بيگناهه فلسطيني شهري شهيد ٿياآهن ۽ غزه ۾ انساني صورتحال سنگين تر آهي اها ڳالهه چين لاِ ت??ليف جو سبب آهي چين جي ويجهو فوري ۽ ترجيحي ڪم غزه ۾ جنگ بندي آهي ته جئين تڪرار جي ڦهلاءِ ۽ علاقائي امن ۽ استحڪام تي اثرن کان بچي سگهجي . ان سان وڌيڪ انساني جانين کي روڪي سگهجي هن چيو ته چين اسرائيل تعلق ??ٺو آهي هن ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وٺي فلسطين جي حمايت ڪئي آهي تڪرار جي ٻه رياستي حل لاءِ مهم هلائي آهي هن چيو ته چين انساني بنيادن تي ريليف پهچائن ۾ مصر جي اهم ڪردار جي تحسين ڪري ٿو چيني صدر چيو ته غزه جي ماڻهن جي مدد جاري رکڻ لاءِ مصر سان چين ملي ڪري ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ مسئلو فلسطين جو فوري ، گڏيل ۽ منصفانه ڪوششون چاهي ٿو .
غزه جي صورتحال انتهائي سنگين ۽ اسان لاءِ تڪليف جو سبب آهي ، چين
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری