برسلز _15 آڪٽوبر (اي پي ??ي )يورپي ??ونين ايراني اختيارين ۽ ايران ايئر لائينز سميت ڪيترن ئي ادارن تي پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران تي پابندين جو سبب روس کي يوڪرين خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ ميزائلن ?? ڊرونز جي منتقلي جو الزام بيان ڪيو آهي. يورپي يونين جي پرڏيهي وزير ايران ايئر لائين سميت ستن ادارن، نائب دفاع واري وزير سيد ??مزه غلندري تي پابندين جي منظوري ڏني آهي . يورپي ??ونين جي سرگرم ملڪن ۾ ش??مل برطانيه ، فرانس ۽ جرمني گذريل مهيني ايران تي روس کي ميزائلن جي منتقلي تي آمريڪا وانگر پابنديون لڳايون هيون. يورپي ڪميشن جي صدر ارسولا وان ڊيرلين يورپي بلاڪ طرفان پابندين جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته وڌيڪ پابندين جي ضرورت آهي. ارسولاوان ڊيرلين سوشل ميڊيا جي ايڪس اڪائونٽ تي لکيو آهي ته يوڪرين خلاف روس جي جارحيت جي جنگ ۾ ايراني حڪومت جي حمايت قبول ڪ??ڻ جوڳي نه آهي ۽ ان کي روڪڻ گهرجي.
يورپي يونين ايران تي پابنديون لڳائي ڇڏيون
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil