والاريل بيت المقدس -06 جنوري(اي پي پي) اسرائيل چيو آهي ته لبنان جيڪڏهن ليطاني درياهه ويجهو پنهنجي فوج مقرر نه ڪئي ته جنگبندي معاهدو ختم ڪري ڇڏينداسين. پر??يه?? ميڊيا اسرائيل جي دفاع واري وزير ڪاٽز جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته لبنان سان جنگبندي ج?? اهو معاهدو ختم ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري حزب الله سان هڪ سال کان به وڌيڪ عرصي تائين جاري رهندڙ جنگ جو خاتمو ٿيو هيو، جنگبندي جي پهرين مرحلي ۾ حزب الله کي پنهنجي ويڙهاڪن، هٿيارن ۽ ٻئي سامان کي لبنان جي ڏکڻ سرحد کان پري کڻي وڃڻو آهي جيڪو ليطاني درياهه جي اتر طرف آهي. اهڙي طرح اسرائيل لاءِ ضروري آهي ته هو 60 ڏينهن اندر ڏکڻ وارن علائقن مان پنهنجي فوج واپس ڪڍي ڇڏي. اسرائيل جي دفاع واري وزير ڪاٽز جو چوڻ آهي ته معاهدي جي حوالي سان ضروري آهي ته لبنان جي فوج بفر زون ۾ حزب الله جي ٺاهيل انفراسٽرڪچر کي به ختم ڪري، سندس موجب اه?? اهڙو قدم آهي جيڪو هن وقت تائين نظر ناهي آي?? اهڙي طرح لبنان جي فوج جي ا??لڪارن جو وڏو انگ گڏيل قومن جي ا??ن جٿن سان به مقرر ٿيندو جيڪو ڏکڻ لبنان جي ا?? علائقي ۾ هٿياربند فورس جي واحد موجودگي هوندو. اسرائيل جي دفاع واري وزير جو وڌيڪ چوڻ هيو ته جيڪڏهن اهي شرط پورا نه ڪيا ويا ته معاهدو باقي نه رهندو ۽ اسرائيل پنهنجي طور تي قدم کڻڻ تي مجبور هوندو ته جيئن سندس اتر پاسي جي علائقي ۾ ترسيلن جي محفوظ طريقي سان واپسي ٿي سگهي. ڪاٽز پاران اهو بيان حزب الله جي موجوده اڳواڻ نعيم قاسم جي تازي خبردار ڪرڻ واري بيان بعد سامهون آيو آهي. جنهن ۾ هن ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن هن مه??ني جي آخر تائين اسرائيلي فوج علائقو نه ڇڏيو ته اسان جا ويڙهاڪ انهن تي حملو ڪري سگهن ٿا.
اسرائيل پاران لبنان سان جنگبندي معاهدو ختم ڪرڻ جي ڌمڪي
مضمون کا ماخذ : números dupla sena