مظفر آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان استحصال جي ڏهاڙي ??ي موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي لاءِ آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفر آباد پهتو ۽ ريلي جي قيادت ڪئي. ريلي ۾ آزاد ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان، آزاد ڪشمير جي وزير??عظ?? راجا ??اروق حيدر، ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ڪشمير معاملن واري وزير علي امين گنڊاپور، پارلياماني سيڪريٽري ثوبيه ڪمال، آزاد ڪشمير جي وزيرن، قانونساز اسيمبلي ميمبرن، حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي اڳواڻن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزير??عظ?? ڀارتي ظلمن جي خلاف شيهي جي ديوار بڻيل ڪشميرين جي حريت جي جذبي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ شهيدن جي ياد ۾ ٺاهيل مزاحمتي وال جو افتتاح ڪيو. کيس هتي ان حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڪشمير جي شهيدن جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. ان کان اڳ وزير??عظ?? عمران خان جي مظفرآباد اچڻ تي هيلي پيڊ تي وزير??عظ?? راجا ??اروق حيدر ۽ صدر سردار مسعود خان سندس استقبال ڪيو.
وزيراعظم عمران خان استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي ريلي جي قيادت ڪئي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری