اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس منعقد ٿيو. هائوسنگ واري وزارت پاران وزيراعظم کي وفاقي حڪومت جي ادارن جي دير جو شڪار منصوبن تي ڪم جاري ڪرڻ، جاري منصوبن ۽ مستقبل جي ??نصوبن جي ??تيجي ۾ تع??ير ٿيندڙ هائوسنگ يونٽس ۽ انهن منصوبن جي ??اليت جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿ??رٽي جا تقريبن 10 منصوبا گذريل ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار هئا جنهن تي ٻيهر ڪم جاري ڪيو ويو آهي ان جي ??تيجي ۾ 38667 يونٽس تع??ير ٿيندا. انهن منصوبن جو ڪاٿو 120.21 ارب روپيا آهي، انهي طرح پاڪستان هائوسنگ اٿ??رٽي فائونڊيشن جا ٽي منصوبا جيڪي ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار هئا ۽ جن تي ڪم جو ٻيهر آغاز ڪيو پيو وڃي ان جي ??تيجي ۾ 5372 يونٽس تع??ير ٿيندا جنهن جو ڪاٿو 27.85 ارب روپيا آهي، هن سال جاري منصوبن جي ??تيجي ۾ 26625 يونٽس تع??ير ٿيندا جنهن جي ??اليت 213.4 ارب روپيا آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سال 2020ع جي ايندڙ سال جاري ٿيندڙ منصوبن جي ??تيجي ۾ 25017 يونٽس تع??ير ٿيندا جنهن جي ??اليت جو ڪاٿو 112.03 ارب روپيا آهي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان