اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشميري حريت اڳواڻ ??اسين ملڪ جي گهرواريءَ ۽ پيس اينڊ ڪلچر آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن مشعال ملڪ چيو آهي ته ڪشمير ڪاز تي سموريون سياسي پارٽيون متحد آهن، ڀارت پاڪستاني سياسي پارٽين کي ورهائڻ چاهي ٿو، ڪرپشن جي خلاف جلسا ??رڻ ۽ ووٽ کي عزت ڏيڻ تي جلسا ڪندڙ ڪشمير مسئلي تي فوڪس ڪن، ڀارت کان شمله معاهدي بعد ڳالهين جا ڪيترائي دور ڏسي ورتا، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن سان حل ڪ??ائڻو پوندو. اسلام آباد کان راولپنڊي پريس ڪلب تائين ڪڍيل ڪ??مير ريلي کانپوءِ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي مشعال ملڪ چيو ته ڪشمير ڪاز تي سموريون سياسي پارٽيون متحد آهن، ڀارت ۾ هندو توا ۽ آر ايس ايس جو راڄ آهي، ڪشميري اڳواڻ ??يڙيون ساڙي چڪا آهن هاڻي آزادي کانسواءِ ڪجهه نه، سمورا ڪشميري گرفتار اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي، ياسين ملڪ تهاڙ جيل جي ڊيٿ سيل ۾ آهي، علي گيلاني جي حالت گهڻي خراب آهي، ڪشميري حريت پسند اڳواڻن ۽ قائدا??ظم جهڙا ليڊر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، ڪشميري 8 لک فوج جي گهيراءُ ۾ آهن.
ڪشمير ڪاز تي سموريون سياسي پارٽيون متحد آهن: مشعال ملڪ
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا