ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي پي اي ايف ايئر وار ڪاليج انسٽيٽيوٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، سندس آمد تي ايئر مارشل عامر مسعود، ڊپٽي چيف آف دي ايئر اسٽاف (ٽريننگ) پاڪستان ايئر فورس سندس استقبال ڪيو. ان م??قعي تي خطاب ڪندي خاص مهمان ڊاڪٽر عارف ع??وي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو جنهن جي ڪري هو منصوبو رڪارڊ مدي ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي معيار موجب پ??اڻي تي پهتو. هن چيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ دنيا ان ڳالهه جي گواه آهي ته اسان ڀارتي پائليٽ کي بنا ڪنهن دٻاءُ جي واپس موڪليو. پاڪ فضائيه جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي هن چيو ته 27 فيبروري 2019ع کانپوءِ ??وري دنيا پي اي ايف جي پيشيوراڻي صلاحيتن جو عملي مظاهرو ڏٺو، صدر اداري جي مختلف شعبن جو دورو به ڪيو ۽ اتي موجود استادن ۽ عملي جي ميمبرن سان م??اقات ڪئي.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس