اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ کان اڳ اح??اس ڪير بکيو نه سمهي پروگرام کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي وڌيڪ ٽن شهرن تائين سگهه ڏيڻ جو اعلان اڄ ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اح??اس ڪير بکيو نه سمهي پروگرام ذريعي انهن مزدورن، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن ۽ گهٽ اجرت ورڪرن کي مفت کاڌو ورهايو ويندو جيڪي اح??اس پناهگاهن ۽ لنگرخانن تائين پهچي نه ٿا سگهن. ورچوئل افتتاحي تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن ۽ پارليامينٽرين سان گڏ فيصل آباد، لاهور ۽ پشاور ۾ ڪيترين ??رڪ ڪچنز ذريعي، اح??اس ڪير بکيو نه سمهي پروگرام تحت کاڌي جي مفت فراهمي جي سروس جو افتتاح ڪندو. ان پروگرام تح?? هر ??رڪ مخصوص سروس پوائنٽس تي روزانو 1500 کان 2000 ماڻهن کي کاڌو ورهائيندي. کاڌي جي تياري ۽ فراهمي ??رڪ ڪچن تان ??ي ٿيندي. وزيراعظم اح??اس تحت 10 مارچ 2021ع تي راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن کي ڏينهن ۾ به ڀيرا مفت کاڌي جا دٻا ڏيڻ جي لاءِ ??رڪ ڪچن جي تصور سان ڪير بکيو نه سمهي پروگرام شروع ڪيو ويو هو. جنهن تحت 37827 ماڻهن کي کاڌو ورهايو ويو آهي. جنهن کي هاڻي وڌيڪ ٽن ضلعن تائين سگهه ڏني پئي وڃي.
وزيراعظم اڄ احساس ڪير بکيو نه سمهي پروگرام پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي وڌيڪ ٽن شهرن تائين وڌائڻ جو اعلان ڪندو
مضمون کا ماخذ : quina acumulada