اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته يورپي يونين ۽ دنيا کي افغانستان جي استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، افغانستان جي موجوده صورتحال ڪنهن الميي کان گهٽ نه آه??، افغانستان بابت اڪانومسٽ جي تازي رپورٽ پريشان ڪندڙ آه??، افغانستان ۾ 23 ملين ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آه??، ٻار بک سبب فوت ٿي رهيا آه??، اسان دنيا کي افغانستان جي حوالي س??ن پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو آه??، افغانستان جي عوام جي مدد لاءِ پوري دنيا کي اڳتي اچڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ بلغاريه جي سفير ارينا گانچيوا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، افغانستان ۾ استحڪام نه ٿيو ته عالمي دهشتگرد تنظيمون افغانستان ۾ پنهنجا مرڪز قائم ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان دنيا کي افغانستان جي عوام جي مدد جي اپيل ڪئي آه??. بلغاريه افغانستان جي صورتحال ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. چوڌري فواد حسدين چيو ته اسان طالبان حڪومت کي ان وقت تائين تسليم نه ڪنداسين جيستائين خطي جا ٻيا ملڪ افغان حڪومت کي تسليم نه ٿا ڪن. بلغاريه سان پاڪستان جي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل سفارتي ۽ ڀائرا??ا لاڳاپا قائم آه?? جن کي اسان قدر جي نگاهه س??ن ڏسون ٿا. ان موقعي تي بلغاريه افغانستان مان غيرملڪي شهرين ۽ سفارتڪارن جي انخلا جي حوالي س??ن پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جو افغان امن عمل ۾ ڪردار ساراهه جوڳو آه??، بلغاريه افغانستان ۾ امن جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.
يورپي يونين ۽ دنيا کي افغانستان جي استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر