اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته اسلام ۽ نبي ڪريم ﷺ جي نالي تي سياست نه ٿيڻ گه??جي، اسلام اسان کي امن جو درس ڏي ٿو، بين المذاهب هم آهنگي پرامن دنيا جي لا??ِ اڻٽر آهي، نبي ڪريم ﷺ رحمت اللعالمين آهي، وزيراعظم عمران خان سچو عاشق رسول ﷺ آهي، حڪومت اسلامو فوبيا جي حوالي سان عالمي سطح تي آواز بلند ڪيو. اها ڳ??لهه هن بين الاقوامي بين المذاهب امن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اهو تاثر غلط آهي ته اسلام تلوار سان پکڙيو، صوفين اسان کي اسلام جي عظيم مذهب کان اسان کي روشناس ڪرايو. هن چي?? ته اسلام اسان کي امن جو درس ڏي ٿو، بين المذاهب هم آهنگي پرامن دنيا لا??ِ اڻٽر آهي، هن چي?? ته سياست ۾ هر شيءَ کي ٽوڙي مروڙي ڪري پيش ڪيو ويندو آهي، اسان وٽ هتي به اهڙا مسئلا موجود آهن، اسلام ۽ نبي ڪريم ﷺ جي نالي تي سياست نه ٿيڻ گه??جي، چوڌري فواد حسين چي?? ته ان کان وڏو ظلم ڪو ٿي نٿو سگهي ته ٻنهي جهانن جي سرڪار ﷺ جي نالي کي ننڍن ننڍن ذاتي مفادن جي لا??ِ استعمال ڪيو وڃي، هن چي?? ته مذهب جي نالي تي شدت پسندي کي رد ڪرڻ اسان جو فرض آهي، ان ڏس ۾ عالم سڳورن کي قومي سطح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گه??جي، ٻاهرين عملن تي ڳالهه ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، هن بين المذاهب امن ڪانفرنس جي انعقاد تي مذهبي معاملن واري وزارت ۽ ٻين منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪئي.
اسلام ۽ نبي ڪريم ﷺ جي نالي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز