اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان متحده قومي موومين?? پاڪستان جي ڪنوينر قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده م??ڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ۽ تفصيلي مشاورت ڪئي وئ??. ملاقات ۾ وزيراعظم کي عوامي فلاحي منصوبن کي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڪراچي جي عوام لاءِ ترقياتي منصوبن تي فوري عملدرآمد جي هدايتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم حڪومتي سڌارن جي لا??و ۾ اتحادي پارٽين جي تعاون جي آجيان ڪئي ۽ مستقبل ۾ قومي مفاد جي فيصلن ۾ اتحادين جي تعاون کي اهم ڪردار قرار ڏنو.
مضمون کا ماخذ : گرم گرم