اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چي?? آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت آهي، پولان گوادر منصوبي جي ذريعي ايران سان اضافي 100 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي، عالمي برادري جي مسلسل حمايت سان ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ پنهنجي امنگن م??جب خودمختياري وارو حق حاصل ڪندا، افغان عوام کي منجمند اثاثن تائين پهچ فراهم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ما?? جاري بيان م??جب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ايران جي سفير سيد علي محمد حسيني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم بلوچستان ۾ ٻيلن جي باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ايران جي وقت سر مدد تي ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته اهو اسان جي ٻنهي مل??ن ۽ عوام جي وچ ۾ موجود مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن جو ثبوت آهي، وزيراعظم ايراني قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل جاگرافي، گڏيل ورثي ۽ عوام کان عوام جي رابطي تي ٻڌل ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته اسا?? جا تاريخي لاڳاپن جي پيش نظر هن سال سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه ٻنهي مل??ن کي شاندار طريقي سان م??هائڻ گهرجي، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته واپاري ۽ اقتصادي تعاون جي شعبن ۾ موجود وسيع گنجائش جي رڪاوٽ?? تي ضابطو آڻي ۽ تعاون جون نيون راهون ڳولي فائدو کڻڻ گهرجي، هن پولان گوادر منصوبي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي به زور ڏنو جنهن جي ذريعي ايران کان پاڪستان کي اضافي 100 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي، وزيراعظم شهباز شريف ڪشمير مسئلي تي ايران ۽ خاص طور تي سپريم ليڊر طرفان ڪشمير مسئلي تي مسلسل حمايت تي ٿورو ادا ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري جي مسلسل حمايت سان ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ان جي پنهنجي خواهشن م??جب پنهنجو خودمختياري وارو حق حاصل ڪندا. افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي صورتحال جي خرابي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته افغانستان جي عوام کي منجمند اثاثن تائين پهچ فراهم ڪرڻ گهرجي. هن افغانستان جي صورتحال تي بنهي مل??ن جي وچ ۾ ويجهي رابطي کي ساراهيو، ايران جي سفير سيد علي محمد حسيني وزيراعظم شهباز شريف جي منصب سنڀالڻ تي ايراني قيادت پاران مبارڪباد ڏني ۽ گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، هن افغانستان سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معامل?? تي ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ويجهي مشاورت کي به اجاگر ڪيو، اعليٰ سطحي دورن جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم شهباز شريف ايراني قيادت کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.
پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن