اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستا?? جي لاءِ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ تمغا حاصل ڪندڙ رانديگرن اسان جا ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيا ۽ عالمي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو سربلند ڪري ڇڏيو، وطن واپسي تي انهن سان ملاقات ڪري انه?? جي حوصلا افزائي ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته نوح بٽ ۽ ارشد نديم سوني، شريف طاهر، زمان انور ۽ انعام بٽ چاندي، شاهه حسين، علي اسد ۽ عنايت الله ڪامن ويلٿ گيمز ۾ تانبي جا تمغنا کٽي مون سميت سمورن پاڪستانين جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو ۽ عالمي دنيا ۾ پاڪستا?? جي عزت ۾ اضافو ڪيو آهي. توهان پوري قوم جو فخر آهيو. وزيراعظم چيو ته هو انهن سمورن ايٿليٽس سان وطن واپسي تي ملاقات ڪري انه?? جي حوصلا افزائي ڪندو. ان کانسواءِ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ شريڪ ٻيا پاڪستاني ايٿيليٽس پڻ فخر جوڳا آه?? جيڪي محنت ۽ لڳاءُ سان پاڪستا?? جي نم??ئندگي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته فتح ۽ هار راند جو حصو آهي، حوصلو نه هاريو، محنت جاري رکو.
پاڪستان جي لاءِ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ تمغا حاصل ڪندڙ رانديگرن اسان جا ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيا ۽ عالمي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو سربلند ڪري ڇڏيو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ