اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ٻ??ڏ متاثر علائقن جي بگڙجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪ فضائيه کي ٻوڏ جي جارحاڻي مهم ۾ وڌيڪ تيزي پيدا ڪرڻ جي ه??ايت ڪري ڇڏي آهي. پاڪ فضائيه جي سربراهه سمورن بيسز کي ه??ايت ڪئي آهي ته هو مقامي سول عملدارن سان گڏجي ٻ??ڏ متاثر ماڻهن جي مدد ڪن. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق ٻ??ڏ متاثرن جي امداد لاءِ پ?? اي ايف فلڊ رليف ڊونيشن اڪائونٽ قا??م ڪيو پيو وڃي. چيف آف د?? ايئر اسٽاف جي انساني امداد ۽ قدرتي آفتن بابت امدادي مهم جو مقصد زميني رستو ڪٽجڻ سبب ڏورانهن علائقن ۾ ڦاٿل ٻ??ڏ متاثرن تائين پهچي کين بروقت امداد فراهم ڪرڻ آهي. پ?? اي ايف جي سمورن برانچز کي ه??ايت ڪئي وئي آهي ته ان مهم لاءِ ڀرپور ڪوشش ۽ تعاون فراهم ڪن. امدادي ڪاررواين جي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکڻ لاءِ ايئر هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ هڪ فوڪل پوائنٽ به قا??م ڪيو ويو آهي. اثرائتي انتظامن لاءِ ريجنل ايئر ڪم??نڊز تحت 3 رليف زونز قا??م ڪيا ويا آهن جڏهن ته پ?? اي ايف ايئر موبلٽي ڪم??نڊ جي 25 کان وڌيڪ هيلي ڪاپٽرز ۽ 8 سي-130 جهاز ڏورانهن علائقن ائين فوري رسائي لاءِ استعمال ڪيا ويندا. ان جدوجهد لاءِ هڪ ايئر سپورٽ برج قا??م ڪيو پيو وڃي، جتي بي گهر ماڻهن لاءِ خيما بستيون قا??م ڪيون پيون وڃن جي کين مفت خوراڪ، رهائش ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ڊزاسٽر رليف سيل ۾ قائم پ?? اي ايف هيلپ ڊيسڪ مان ٻوڏ بابت ڪنهن به قسم جي ڄاڻ ۽ امداد لاءِ 9260835-051 ۽ 9262404-051 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.
ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ پاڪ فضائيه پاران انساني امداد ۽ قدرتي آفتن بابت امدادي مهم تيز
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس