اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان سوئيڊن ۽ هالينڊ ?? قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي تازين ڪاررواين جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته انهن قابل مذمت ۽ افسوسناڪ واقعن سان سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب کان وڌيڪ مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره ??لو?? پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي انه?? واقعن کي نسل پرستي، زينو فوبڪ ۽ اسلامو فوبيا جي طور تي ڏسي ٿو. ترجمان چيو ته انهن قابل مذمت ۽ افسوسناڪ واقعن سان سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن. هن چيو ته انه?? واقعن جو واحد مقصد مسلمان اقليتن جي خلاف تشدد کي هوا ڏيڻ آهي. پاڪستان سوئيڊن ۽ هالينڊ کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي حڪومتن تي زور ڏنو آهي ته اهي اسلامو فوبيا جي ڪاررواين خلاف ٺوس قدم کڻن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر