اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 16 کا?? 20 فيبروري تائين ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ جرمني جي دوري تي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي وزير سيڪيروٽي ڪانفرنس ۾ گول ميز مباحثن سميت ڪيترن ئي پروگر??من ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هم منصبن ۽ ڪانفرنس ۾ شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير جرمني جي دوري کا??پوءِ لٿوانيا جي پرڏيهي وزير جي دعوت تي سرڪاري دوري تي لٿوانيا ويندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 20 کا?? 21 فيب??وي تائين ولنيئس ۾ پرڏيهي وگير گيبرليس لينڊ سبرگس سان وسيع معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ لٿوانيا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر سان ملاقات ڪندو، ٻئي ڌ??يو?? ٻطرفي سياسي مشاورت قائم ڪرڻ بابت مفاهمتي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪندو. ترجمان چيو ته پنهنجي دوري جي آخري مرحلي ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 21 کا?? 22 فيبروري تائين هنگري جو دورو ڪندو ۽ هنگري جي هم منصب پيٽر سيجارٽو سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڳالهه ٻولهه ۾ ڌ??يو?? ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي غور فڪر ڪندا ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پرڏيهي وزير ٻطرفي تعاون بابت مفاهمت جي ٻن ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪندا جنهن ۾ هڪ سفارتي اڪيڊمين جي وچ ۾ تعاون ۽ ٻيو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ راندين ۽ تعليم بابت هوندو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 16 کان 20 فيبروري تائين ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ جرمني جي دوري تي آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان