اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيني وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي ته جيئن علائقائي امن، خوشحالي ۽ استحڪا?? ۾ ??نهنجو ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ملڪن جي ماڻهن کي فائدو پهچائڻ جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪري سگهجي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي چيانگ جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، اها ڳالهه ٻولهه روايتي گرمجوشي ۽ هم آهنگي تي ٻڌل هئي جنهن ۾ پاڪ چين سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي اجاگر ڪيو ويو. شهباز شريف چيني وزيراعظم کي ان عهدي جي لاءِ ان جي تازي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني جيڪو چيني قوم جي گهري اعتماد ۽ عوامي خدمت ۾ ان جي ڪيترين ئي ڪاميابين سان پيدا ٿيندڙ ان تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. سدا بهار حصيدارن ۽ ويجهي دوستن جي حيثيت سان پ??ڪستان چين جي پرامن ترقي کي عالمي امن ۽ استحڪام جي مثبت عنصر طور ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي يقين ظاهر ڪيو ته چين ترقي ۽ بحالي طرف پنهنجي سفر ۾ اهم سنگ ميل حاصل ڪندو رهندو. وزيراعظم چين جي بنيادي مسئلن بشمول ”ون چائنا“ پاليسي، تائيوان، تبت، سنڪيانگ، هانگ ڪانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين تي ??اڪ??تان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي چين جي اصولي موقف ۽ بنيادي مسئلن تي ??اڪ??تان جي حمايت تي چين جا ٿورا مڃيا. چيني وزيراعظم چين جي لاءِ ??اڪ??تان جي حمايت کي ساراهيو ۽ ??اڪ??تان جي قومي ترقي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ چين جي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته سدابهار دوست جي حيثيت سان چين پ??ڪستان سان هر وقت گڏ بيٺل رهندو. نومبر 2022ع ۾ وزيراعظم ??ي چين جي دوري ۽ صدر شي جن پنگ ۽ چيني قيادت سان وسيع ڳالهه ٻولهه کي ياد ڪندي ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ سميت اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جو جائزو ورتو. هن سمورن شعبن ۾ پنهنجي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن علائقائي امن، خوشحالي ۽ استحڪا?? ۾ ??نهنجو ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ملڪن جي ماڻهن کي فائدو پهچائڻ جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪري سگهجي.
پاڪستان ۽ چين جي وزيراعظمن پاران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز