اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ کانپوءِ حڪومت جي اتحا??ي پارٽين جي ميمبرن جي سيٽن تي وڃي انهن جا ٿورا مڃيا. قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم تي اعتماد جي قرارداد جي منظوري کانپوءِ حڪومت ۽ اتحا??ي پارٽين جي ميمبرن خوشي جو اظهار ڪندي ??يسڪون وڄايون. وزيراعظم اعتماد جو ووٽ وٺڻ کانپوءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چي??رمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي سيٽ تي وڃي ان جا ٿورا مڃيا. ان کانسواءِ وزيراعظم جي يو آءِ (ف)، اي اين پي، بي اين پي مينگل، بلوچستان عوامي پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سميت ٻين ميمبرن جي سيٽن تي ويو ۽ هن انهن جا ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ