اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ڪارنيٽ ڊي پيسج اسڪيم تحت آندي ويندڙ ۽ غيرقانوني استعمال هيٺ لگزري گاڏيون فوري ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۽ غفلت ڪندڙ اهلڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪارنيٽ ڊي پيسيجز اسڪيم تحت آندي ويندڙ گاڏين جي مقرر مدي کان وڌيڪ ۽ غيرقانوني استعمال جو سخت نوٽيس وٺندي اسلام آباد ۾ هڪ خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ لگزري گاڏين جي داخلا ۽ اخراج جي طريقيڪار تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو ??زي?? را??ا ثناءُ الله، واپار واري وفاقي ??زي?? سيد نويد قمر، ??زي??اعظم جي ناڻي واري خاص معاون طارق باجوه ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اهڙي لگزري گاڏين جي نشاندهي به ڪئي وئي جيڪي ڪارنيٽ ڊي پيسيج جي سهولت تحت پاڪستان ۾ آنديون ويون ۽ طئي ٿيل مدو پورو ٿي وڃڻ جي باوجود استعمال ٿي رهيون آهن جنهن تي ??زي??اعظم سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهڙيون سموريون گاڏيون فوري ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. ??زي??اعظم پڇيو ته لاڳاپيل کاتن اهڙين گاڏين جي خلاف اڳواٽ ڪارروائي ڇو نه ڪئي. ان ڏس ۾ ??زي??اعظم هڪ ڪميٽي ٺاهڻ جي پڻ هدايت ڪئي جيڪا ان سموري معاملي جي جاچ جي ذميوارن جو تعين ڪندي. ??زي??اعظم چيو ته اهي سمورا اهلڪار جيڪي اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۾ ملوث ڏٺا ويا يا ان حوالي سان غفلت جي مرتڪب ٿيا ته انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ??زي??اعظم فيڊرل بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته ڪارنيٽ ڊي پيسيج اسڪيم تحت اهڙيون سموريون گاڏيون جيڪي پنهنجو مدو پورو ڪري چڪيون آهن انهن جي تفصيلي ۽ صحيح ڊيٽا جلد کان جلد گڏ ڪئي وڃي. ??زي??اعظم پڇيو ته لاڳاپيل ادارن اهڙين گاڏين جي خلاف اڳواٽ ڪارروائي ڇو نه ڪئي؟ ??زي??اعظم ان معاملي تي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪارنيٽ ڊي پيسيج تحت اهڙيون گاڏيون جيڪي پنهنجو مدو پورو ڪري چڪيون آهن انهن جي تفصيلي ۽ صحيح ڊيٽا جلد کان جلد گڏ ڪئي وڃي. هن چيو ته اهي سمورا اهلڪار جيڪي اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۾ ملوث ڏٺا ويا يا ان حوالي سان غفلت جا مرتڪب ٿيا انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
وزيراعظم پاران ڪارنيٽ ڊي پيسج اسڪيم تحت آندي ويندڙ ۽ غيرقانوني استعمال هيٺ لگزري گاڏيون فوري ضبط ڪرڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت