اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماڻهن کي آسان، سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي جي لاءِ وفاقي محتسبن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته ??ڪرارن جي متبادل حل سان عدالتي نظام تي بار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، محتسب جي ڪردار جي اهميت جي ڏس ۾ ان بابت ڀرپور آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ??يئن وڌ کان وڌ ماڻهو ان مان فائدو کڻي سگهن. هن چيو ته وفاقي انشورنس محتسب آسان ۽ فوري انصاف حاصل ڪ??ڻ جي لاءِ عام ماڻهن ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪم ڪري رهيو آهي. ايوان صدر ۾ ”انشورنس محتسب ۽ در تي تيز رفتار انصاف جو تصور“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پنج محتسب بشمول وفاقي محتسب، وفاقي انشورنس محتسب، وفاقي بئنڪنگ محتسب، وفاقي ٽيڪس محتسب ۽ هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي آفيس جي ماتحت ڪم ڪري رهيا آهن. ”انشورنس محتسب ۽ در تي تيز رفتار انصاف جو تصور“ سيمينارز جي سيريز جو هڪ حصو آهي جنهن ۾ انشورنس جي شعبي سان گڏوگڏ ڪاروباري برادري جي اعليٰ شخصيتن کي پڻ گهرايو ويو ته ??يئن انشورنس جي ڪاروبار ۾ بهتري ۽ شفافيت جي لاءِ قيمتي راءِ ۽ ويزن پيش ڪن. صدر عارف علوي چيو ته ??نهن جي ذاتي ڪوششن جي ڪري ماڻهن ۾ محتسب جي ڪردار بابت آگاهي ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي پر پوءِ به هن ان بابت وڌ کان وڌ ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن محتسب جي ڪردار ۽ ذميوارين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته محتسب جي سٺي فيصلن کي قومي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي عام ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ??اع??مي ڪو بهانو نه آهي ان جي لاءِ عوام کي متبادل ذريعن سان انصاف حاصل ڪ??ڻ جي مختلف طريقن بابت ڄاڻڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ڪيترن ئي معاملن ۾ ڪم جي وڌيڪ بار ۽ نظام ??ي ٻين ڪمزورين جي ڪري عدالتن ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين فيصلا التوا هيٺ رهن ٿا، ان جي لاءِ هن ماڻهن کي ان محتسب سان رجوع ڪرڻ جي اپيل ڪ??ي جيڪو آسان، وڌيڪ تيز ۽ سستي انصاف جي فراهمي جو ذريعو آهي. هن چيو ته ??ڪرارن جو متبادل حل عدالتي نظام تي بار گهٽ ڪرڻ جو طريقو آهي. هن انشورنس ڪمپنين جي مالڪن کي به اهو چيو ته ??هي عوام جي لاءِ بهتر پروڊڪٽس پيش ڪن ته ??يئن ماڻهن جي اعتماد ۾ اضافو ٿئي ۽ ماڻهن ۾ انشورنس ڪمپنين بابت شڪ کي ختم ڪري سگهجي. هن چيو ته ??ام ماڻهن ۾ انشورنس بابت اعتماد کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر خالد جميل چيو ته ??يف آئي او جي آفيس فوري انصاف جي فراهمي جي تصور تي ڪم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ??سان انشورنس محتسب جي پهچ کي هيٺئين سطح تائين وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ اسان شڪايت ڪندڙن کي انهن جي مسئلن کي خوش اسلوبي سان ۽ گڏيل حل جي ذريعي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن ٻڌايو ته گذريل سال دوران وفاقي انشورنس محتسب شڪايت ڪندڙن جا مسئلا حل ڪيا ۽ 2.57 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو.
ماڻهن کي آسان، سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ وفاقي محتسبن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت