اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته عوام کي جيڪي بل مليا اهي جولاءِ جا آهن، نگران حڪومت 17 آگسٽ تي حلف کنيو، عوام جي ڪاوڙ جائز آهي پر احتجاج بدران اسان کي ان م??ئل?? جي حل طرف اچڻ گهرجي، ان بحث ۾ نه ٿا وڃڻ چاهيون ته بجلي ??ي بلن ۾ اضافي جو ذميوار ڪير آهي، اسان جو ڌيا?? عوام کي ريليف ڏيڻ تي آهي، اسان ذميوار آئيني نگران حڪومت آهيون، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته اسان ان م??ئل?? جو نوٽيس ناهي ورتو، سڀاڻي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ان م??ئل?? تي ڳالهه ٿيندي، اميد آهي عوام کي ريليف ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل ??ي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چ??و ته نگران وزيراعظم ٻه ڏينهن اڳ بجلي ??ي بلن ۾ اضافي جو نوٽيس ورتو، اڄ به بجلي ??ي بلن جي حوالي سان لاڳاپيل ڌرين سان اجلاس منعقد ڪيو. هن چ??و ته ان ڳالهه تي غور ڪيو پيو وڃي ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ رهندي ماڻهن کي ڪهڙو ريليف ڏئي سگهجي ٿو. هن چ??و ته ميديا کي بجلي ??ي بلن ۾ اضافي جي سببن کان ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۾ اڳ ۾ ئي سياسي درجه حرارت وڌيڪ آهي، اسان ان کي گهٽ ڪرڻ چاهيون ٿا، ان بحث ۾ نه ٿا وڃڻ چاهيون ته ڪير ذميوار آهي. هن چ??و ته اسان کي سمورين پارٽين سان گڏجي چونڊن کي يقيني، پرامن ۽ منصفاڻو بڻائڻو آهي. هڪ سوال تي هن چ??و ته عوام جا ڪاوڙ جائز آهي پر احتجاج بدران اسان کي ان م??ئل?? جي حل طرف وڃڻ گهرجي، اسان کي پرامن احتجاج ۽ پرتشدد احتجاج جي فرق کي سمجهڻو پوندو. هن چ??و ته عوام ڊسڪوز جي ملازمن تي تشدد ڪرڻ بدران ان م??ئل?? جي حل طرف اچي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چ??و ته نگران حڪومت جي مدي جو تعين اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي، اليڪشن ڪميشن گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس جي فيصلن جي روشني ۾ آئين جي آرٽيڪل 51 تحت چونڊن جي حوالي سان پورو شيڊيول پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪيو آهي. هن چ??و ته اسان اليڪشن ڪميشن جي اعلان ڪيل تاريخ تي پرامن شفاف، منصفاڻي ۽ غيرجانبدراڻي چونڊن کي يقيني بڻائينداسين ۽ ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.
عوام کي مليل بل جولاءِ جا آهن، نگران حڪومت 17 آگسٽ تي حلف کنيو، عوام جي ڪاوڙ جائز آهي پر احتجاج بدران اسان کي ان مسئلي جي حل طرف اچڻ گهرجي، ان بحث ۾ نه ٿا وڃڻ چاهيون ته بجلي جي بلن ۾ اضافي جو ذميوار ڪير آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار