اسلام آباد-26 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس 27 آڪٽوبر تي والاريل ڪشمير ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ ۽ هڙتال جي ڪ??ل ڏئي ڇڏي. سڄي دنيا ۾ ۽ لائن آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسي ڪ??ميري 27 آڪٽوبر (جمعي) کي ڪ??ري ڏينهن طور ملهائيندا. 1947ع ۾ انهي ڏينهن ڀارتي فوج غير قانوني طور تي سرينگر ۾ لٿي هئي جنهن والاريل ڪشمير ۾ معصوم م??ڻه?? تي ڏا?? ۽ جبر، قبضي، مظلوميت ۽ تسلط جو باب شروع ڪيو. هر سال 27 آڪٽوبر تي ڪ??ري ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي ته جيئن ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف احتجاج ڪري سگهجي ۽ عالمي برادري کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي حوالي سان پنهنجن وعدن کي ياد ڪرائڻ آهي جيڪي ڪ??ميرين جي خوداراديت واري حق جي حمايت ڪن ٿا. ڪشمير ميڊيا سروس رپورٽ مطابق ان ڏينهن ڀارتي غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ عوام طرفان مڪمل شٽر ڊائون ڪيو ويندو ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينارز جو بندوبست ڪيو ويندو. ڪشميري عوام ۽ مهذب دنيا 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج جي علائقي تي حملي ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي نريندر مودي جي قيادت هيٺ هندوتوا ڀارتي حڪومت طرفان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت کي رد ڪرڻ جي مذمت ڪري ٿي.
ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس 27 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ۽ هڙتال جي ڪال ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ