اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان جي رياست جي ??وقف کي واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به دهشتگرد گروهه سان ان وقت تائين ڳالهيون نه ٿينديون جيستائين اهي هٿيار نه اڇلائيندا، پرڏيهي آفيس وضاحت ڪري چڪي آهي ته مولانا فضل الرحمان جو افغانستان جو دورو غيرسرڪاري آهي، جيڪڏهن ڪو سياستدان ٻن ملڪن جي ??چ ۾ لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري ٿو ته ان جي آجيان ڪرڻ گهرجي، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي ??اءِ حڪومت پرعزم آهي، نوجوان نسل کي انتهاپسندي کان بچائڻ جي ??ا??ِ قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز (پي آءِ سي ايس ايس) پاران جاري ڪيل سالياني سيڪيورٽي جائزه رپورٽ جي ??ڌرائي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جو چيئرمين محمد سعد خٽڪ، انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جو صدر نديم رضا، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڪنفلڪٽ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر عبدالله خان ۽ ڊائريڪٽر ريسرچ گل داد پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير رپورٽ جي تياري ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جي ??حقيقن جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پيچيده سيڪيورٽي چئلينجن کي سمجهڻ ۽ انهن کي منهن ڏيڻ ۾ هي رپورٽ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته پي آءِ سي ايس ايس جو ڪم پاليسي فيصلن ۾ ڪر??گه?? جي ??ڏي جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ ڊيٽا تي ٻڌل رپورٽس فيصلاسازي جو بنياد آهن، پي آءِ سي ايس ايس ان سلسلي ۾ هڪ اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي. اهڙي طرح جون رپورٽس نه رڳو اسان جي سيڪيورٽي منظرنامي کي سمجهڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿيون پر پاليسي سازن جي ??اءِ هڪ روڊ ميپ جو ڪم پڻ ڪن ٿيون. انسٽيٽيوٽ فار ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پي آءِ سي ايس ايس ميڊيا ۽ سفارتي برادري ۾ اڳ ۾ ئي هڪ معتبر نالو آهي ۽ ان جا مختلف تحقيقاتي مطالعا معاشري جي ??ا??ِ قابل قدر خدمتون آهن. هن چيو ته نوجوانن کي مشغول ڪرڻ جي ??اءِ پي آءِ سي ايس ايس جي ??لڪ گير مهم ”پاڪسانيت“ اسان جي ??وجوانن کي انتهاپسنداڻي نظرين جو شڪار ٿيڻ کان بچائڻ جو هڪ بهترين طريقو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز ڊيٽا تي ٻڌل موقف جو اطلاق ڪري ٿو ۽ پاڪستان ۽ ويجهي پاڙيسري ملڪن ۾ سيڪيورٽي ۽ تڪرارن بابت اڳڀرائي جو معروضي تجزيو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته مون کي اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته پي آءِ سي ايس ايس 2001ع کان پاڪستان ۾ رياست مخالف تشدد جي ڊيٽابيس تيار ڪئي ۽ هاڻي ان کي افغانستان سميت پوري ڏکڻ ايشيا تائين ڦهلائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اها ڊيٽا پي آءِ سي ايس ايس جي ??حققين کي تحقيق ڪرڻ ۽ هفتيوار، ماهوار ۽ سالياني رپورٽس تيار ڪرڻ جي ??اءِ ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته حڪومتن ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي ??چ ۾ وڌيڪ مضبو?? رابطي جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت ۽ پي آءِ سي ايس ايس جهڙن ادارن جي ??چ ۾ تعاون حوصلي جوڳو آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پي آءِ سي ايس ايس جي سالياني سيڪيورٽي جائزه رپورٽ 2023ع مڪمل تحقيق جو نتيجو آهي. اها ڊيٽا کي سمجهڻ ۾ تمام گهڻي آساني فراهم ڪري ٿي. ان رپورٽ کي پڙهي ڪو به ملڪ درپيش مسئلن تي مڪل ضابطو آڻي سگهي ٿو. هن سمورن لاڳاپيل ادارن کي رپورٽ جو مطالعو ڪرڻ جو مشورو ڏنو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي حڪومتي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ رياست مخالف تشدد جي رجحان کي روڪڻ جي ??اءِ پاليسيون ۽ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن يقين ڏياريو ته دهشتگردي جي ??سئلي کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ مسلسل ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته دهشتگردي جي ??سئلي کي حل ڪرڻ کانسواءِ ڪو به ملڪ معاشي ترقي جي سفر جي شروعات نه ٿو ڪري سگهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته 2023ع ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ??اقعن ۾ 70 سيڪڙو اضافو ٿيو، اسان جي حڪومت دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي. هن چيو ته پي آءِ سي ايس ايس جي رپورٽ کي حڪمت عملين کي بهتر بڻائڻ جي ??اءِ استعمال ڪيو ويندو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان جو افغانستان جو دورو غيرسرڪاري دورو آهي، ان حوالي سان پرڏيهي آفيس وضاحت ڪري چڪي آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان دوري تي روانو ٿيڻ کان اڳ رياستي ادارن سان مشورو ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو سياستدان ٻن ملڪن جي ??چ ۾ لاڳاپن جي بهتري جي ??اءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو ته ان جي آجيان ڪرڻ گهرجي ??ر مولانا فضل الرحمان جو دورو مڪمل طور تي غيرسرڪاري آهي، اسان ان جي دوري جي ڪاميابي جي ??اءِ نيڪ خواهشُون رکون ٿا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته رياست پاڪستان جو موقف واضح آهي ته دهشتگرد گروهن سان ان وقت تائين ڳالهيون نه ٿينديون جيستائين اهي هٿيار نٿا اڇلائين ۽ پاڪستان جي آئين کي تسليم نٿا ڪري وٺن.
ڪنهن به دهشتگرد گروهه سان هٿيار اڇلائڻ تائين ڳالهيُون نه ٿينديُون، مولانا فضل الرحمان جو افغانستان جو دورو غيرسرڪاري آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری