بيجنگ-05 مارچ (اي پي پي)شنگهائي ۾ مقرر پاڪستان جي قونصل جنرل حسين حيدر چين جي جدت پسند سفر جي واکاڻ ڪندي ان کي پاڪستان لاءِ متاثر ڪن قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان به ان قسم جي ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آ??ي. ??ن چائنا اڪنامڪ نيٽ کي ڏنل هڪ انٽرويو دوران اقتصادي،فني ۽ سماجي ترقي ۾ چين جي ڪاميابين جي واکاڻ ڪندي چيو ته چين جي معيشت جي عالمي سطح تي ترقي ذڪر جوڳي آ??ي. ??ن چيو ته چين جي جاري 2 اجلاسن يعني نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين پي سي) ۽ چيني عوام سياسي مشاورتي ڪانفرنس (سي پي پي سي سي) وڏي اهميت واري آهي. جيڪي چين جي جمهوري نظام ۽ ان جي عوام جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته گذريل 4 سالن کان شنگهائي ۾ قونصل جنرل طور 02 سيشنز جي ڪاررواين کي ويجهڙائي کان ڏٺو آهي. آءِ ايم ايف طرفان هلندڙ سال جنوريءَ ۾ جاري ڪيل ورلڊ اڪنامڪ آ??وٽ لُڪ رپورٽ ۾ عالمي اقتصادي ترقيءَ جي شرح 3.1 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اميد آهي ته چين 2024ع ۾ عالمي شرح کان اڳيان وڌي ويندو ۽ عالمي اقتصادي ترقيءَ ۾ هڪ وڏو حصيدار رهندو. هن چيو ته سال 24ع لاءِ چين جو جي ڊي پي هدف ان جي معاشي مس??قب?? تي ان جي اعتماد ۽ اعليٰ معيار جي ترقيءَ لاءِ سندس عزم کي ظاهر ڪري ٿو. سڄي دنيا تسليم ڪري ٿي ته گذريل 45 سالن ۾ چين جي اقتصادي ترقي غير معمولي رهي آ??ي. ??اڪستاني قونصل جنرل ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو (بي آر آءِ) جي گڏيل تعمير ۾ چين جي اهم شراڪتدار طور ان سهڪار مان فائدو کنيو آهي. سي پيڪ هڪ اهم منصوبو آهي جنهن پاڪستان جي بنيادي ڍانچي جي منظرنامي کي نمايان طور تي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. بنيادي ڍانچي کان علاوه ٻين ملڪن سان چين جو سهڪار مخ??لف شعبن بشمول واپار، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافتي مٽاسٽا تائين وسيع آ??ي. ??اڪستاني قونصل جنرل اميد ظاهر ڪئي ته چين اقتصادي ترقي ۽ سماجي ترقيءَ جي پنهنجي يقيني منصوبن سان اڳيان وڌي رهيو آ??ي. ??اڪ- چين دوستي ۽ سهڪار وڌيڪ مضبوط ٿيڻ سان گڏوگڏ مس??قب?? ٻنهي ملڪن لاءِ اميد ڏياريندڙ نظر اچي رهيو آهي.
چين جو جدت پسندي جو سفر پاڪستان لاءِ متاثر ڪن آهي: پاڪستاني قونصل جنرل
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔