برسلز – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ نيوڪليئر انرجي سمٽ جي موقعي تي نيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال کي وڌائڻ ۽ پهرين ائٽمي توان??ئي سمٽ منعقد ڪرڻ جي لاءِ آءِ اي اي اي جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته باني ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ايجنسي جي ڪم کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ائٽمي توان??ئي جي اهميت ۽ توان??ئي مڪس ۾ ائٽمي توان??ئي جو حصو وڌائڻ جي پاڪستان جي خواهش کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ايجنسي جي فني تعاون جي ڪم جي اهميت جو پڻ ذڪر ڪيو جنهن ۾ پاڪستان به اهم ڪر??ار ادا ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي مالياتي ادارن ۽ بئنڪن کي اسرندڙ ملڪن ۾ ائٽمي توان??ئي جي منصوبن جي حمايت ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي پنهنجي توان??ئي جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهن ۽ زيرو اخراج جا هدف حاصل ڪري سگهن. هن آءِ اي اي اي تي زور ڏنو ته اها هڪ صاف ذريعي جي طور تي ائٽمي توان??ئي جي اهميت بابت دنيا کي آگاهه ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪر??ار جاري رکي. ڊائريڪٽر جنرل آءِ اي اي اي ايجنسي سان پاڪستان جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته ايشيا ۾ پاڪستان اسرندڙ ملڪن سان تجربي ۽ مهارت جي مٽاسٽا ڪرڻ ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪري رهيو آهي. هن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته ائٽمي منصوبن جي مالي مدد هڪ مسئلو آهي ۽ هو جلد ئي ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڊائريڪٽر جنرل آءِ اي اي اي گذريل سال پنهنجي پاڪستان جي دوري کي ياد ڪيو، جڏهن کيس پاڪستان جي ٺڪاڻن جو دورو ڪرڻ ۽ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال جي ميدان ۾ پاڪستان جي ترقي جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو مليو.
پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي آءِ اي اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر