مڪه المڪرمه – 08 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر ماليت جي نئين سعودي سيڙپڪاري پئڪيج جي پهرين مرحلي کي جلد پڄاڻي تائين پهچائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان عبدالعزيز السعود ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ باضابطا ملاقات کانپوءِ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو. سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف الصفا پيلس مڪه المڪرمه ۾ هڪ باضابطا ملاقات ڪئي. سعودي ولي عهد وزيراعظم محمد شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي مبا??ڪب??د ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ا??ٿڪ حمايت ۽ مهمان نوازي تي سعودي ولي عهد جا ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ا??واڻن جي وچ ۾ ٿيند?? ملاقات جو محور ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جا رستا ڳولڻ تي هو. ملاقات ۾ پاڪستان جي معيشت ۾ سعودي عرب جي تعاون کي ساراهيو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان تعاون وڌائڻ جي گڏيل عزم جو پڻ اظهار ڪيو ويو. ٻنهي ا??واڻن پاڪستان ۾ 5 بلين ڊالر ماليت جي نئين سعودي سيڙپڪاري پئڪيج جي پهرين فيز کي جلد کان جلد پڄاڻي تائين پهچائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ا??واڻن غزه جي ڳڻتي جوڳي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي ا??ڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪاررواين کي روڪڻ، انساني جاني نقصان کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن تي زور ڏنو. ٻنهي ا??واڻن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل تي دٻاءُ وڌائي ته جيئن هو پنهنجي غيرقانوني قدمن کان پاسو ڪري ۽ عالمي قانونن جي پاسداري ڪري. ٻنهي ا??واڻن غزه تائين بنا رڪاوٽ جي انساني امداد جي پهچ جي ضرورت تي زور ڏنو. هنن سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي لاڳاپيل قراردادن سان گڏوگڏ عرب امن قدمن جي عمل کي ا??تي وڌائڻ جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن جو مقصد هڪ آزاد فلسطيني رياست جنهن جي گادي وارو شهر اوڀر يروشلم هجي، جي قيام جي لاءِ هڪ منصفاڻو ۽ ٺوس حل ڳولڻ آهي. ٻنهي ڌرين خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرارن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار کي حل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي ا??مي?? تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ولي عهد کي جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني جنهن کي ولي عهد قبول ڪري ورتو.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي عرب جي ولي عهد جو پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر ماليت جي نئين سعودي سيڙپڪاري پئڪيج جي پهرين مرحلي کي جلد پڄاڻي تائين پهچائڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو