بيجنگ – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار من ميٽلز جي نائب صدر ۽ چين جي ميٽالرجيڪل ڪوآپريشن جي چيئرمين چين جا??گو??نگ سان ڪالهه سومر ڏينهن بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران هن بلوچستان ۾ کاڻين جي کوٽائي جي اهم منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ من ميٽلز ۽ اي?? سي سي جي تعاون کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تيزور ڏنو ته پاڪستان ان چين کي ٽامي جي برآمدات 2022ع ۾ ت??زي سان وڌي 1.22 ار?? ڊالر تائين پهچي وئي آهي جيڪا 2018ع ۾ 132 ملين ڊالر هئي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيني ڪمپنين کي بلوچستان ۾ پروسيسنگ پلانٽ لڳائڻ جي دعوت پڻ ڏني ته جيئن ملڪي کپت ۽ چين کي برآمدات جي لاءِ ويليو ايڊيڊ معدني مصنوعات تيار ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جو مقصد ٻنهي ملڪن جي نجي ادارن جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس تعاون کي وڌائڻ آهي. هن چيو ته سي پي اي سي من ميٽلز ۽ اي?? سي سي کي جديد ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر تائين پهچ فراهم ڪري ٿو ته جيئن لاجسٽڪ ڪ??رڪردگي کي وڌائي ۽ خام مال سميت تيار مصنوعات جي لاءِ چرپر جي خرچن کي گهٽ ڪري سگهجي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي من ميٽلز جي نائب صدر ۽ چين جي ميٽالرجيڪل ڪوآپريشن جي چيئرمين سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : números dupla sena