اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) توانائي جي وفاقي وزير سردار محمد اويس خان لغاري چيو آهي ته پ??ڪس??ان تيزي سان انرجي مڪس ۾ قابل تجديد توانائي جي شرح وڌائي رهيو آهي، چين جي سڀني کان وڏي سولر مينوفيڪچرنگ ڪمپني کي پ??ڪس??ان ۾ سولر مينوفيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ جي دعوت ڏني آهي جنهن تي ڪمپني ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو آهي. پاور ڊويزن طرفان جاري پڌرائي مطابق توانائي واري وزير سردار محمد اويس خان لغاري چين ۾ دنيا جي سڀني کان وڏي سولر مينوفيڪچرنگ ڪمپني جي صدر سان ملاقات ڪئي آهي. وفاقي وزير سولر مينوفيڪچرنگ ڪمپني لونجي گرين، انرجي ٽيڪنالوجي جي صدر زن گولي سان ملاقات دوران پ??ڪس??ان جي سولر توانائي جي صلاحيتن تي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير چيو ته پ??ڪس??ان تيزي سان انرجي مڪس ۾ قابل تجديد توانائي جي شرح وڌائي رهيو آهي. سردار اويس ??غاري چيني ڪمپني کي پ??ڪس??ان ۾ سولر مينوفيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ جي دعوت ڏني جنهن تي ڪمپني جي صدر گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ چيني ڪمپني جي صدر پ??ڪس??ان ۾ شمسي توانائي کي هٿي ڏيڻ لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي.
توانائي واري وزير سردار محمد اويس خان لغاري جي چين جي سڀني کان وڏي سولر تيار ڪندڙ ڪمپني جي صدر سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر