اسلام آباد-10 جون(اي پي پي) قومي اقتصادي سروي جاري مالي سال 24-2023ع (اڄ) اڱاري تي جاري ڪيو ويندو. ناڻي ۽ محصولن وا??ي وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪ سيڪريٽريٽ جي پي پبلڪ آڊيٽوريم ۾ اقتصادي سروي جاري ڪرڻ وا??ي تقريب جي صدارت ڪندو. ان موقعي تي رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن وا??و وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، اقتصادي معاملن وا??و مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، حڪومت جي اقتصادي ٽيم جا ميمبر، ناڻي کاتي جي سيڪريٽري ۽ ايف بي آر جي چيئرمين سميت ٻين لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز به موجود هوندا. قومي اقتصادي سروي ۾ جاري مالي سال دوران اهم سماجي ۽ اقتصادي هدف ۽ مختلف شعبن ۾ اڳڀرائي جا تفصيل شامل هوندا. اقتصادي سروي ۾ زراعت، مينيوفيڪچرنگ، صنعت، خدمتن، توانائي، آءِ ٽي ۽ـ ٽيلي ڪميونيڪيشن، ڪيپيٽل مارڪيٽس، صحت، تعليم، ٽرانسپورٽ ۽ـ مواصلات سميت مختلف شعبن ۾ اڳڀرائي ۽ اقتصادي رجحانن جو احاطو ڪيو ويندو. ان کان علاوه اقتصادي سروي ۾ ناڻي اؤ??ر، واپار، قرضن جي ادائگي، آبادي، روزگار، ماحولياتي تبديلين ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ حڪومتي قدمن ۽ رجحانن جا تفصيل به شامل هوندا. وا??ح رهي ته اندروني ۽ـ پرڏيهي چئلينجز باوجود معيشت ۾ استحڪام ۽ جٽادار اؤ??ر لاءِ حڪومت طرفان ترتيب ڏنل پاليسين ۽ حڪمت عمليءَ سان اقتصادي اؤ??ر ۽ سپلاءِ چين ۾ بهتري اچي رهي آ??ي، مثبت پرائمري بيلنس مان حڪومت طرفان اقتصادي استحڪام لاءِ کنيل قدمن مان فائدي جي عڪاسي ٿي رهي آ??ي، زراعت جي شعبي ۾ نمايان بهتريءَ سان مجموعي قومي معيشت ۽ جي ڊي پي تي سٺا اثر پئجي رهيا آهن. وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ بهتري اچي رهي آ??ي، حڪومت طرفان کنيل قدمن جي نتيجي ۾ ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس محصولن ۾ نمايان واڌ ٿي آ??ي. صنعتي سرگرمين ۽ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ مسلسل تيزي اچي رهي آ??ي، ايندڙ مهينن ۾ اقتصادي استحڪام لاءِ قدم وڌيڪ سگهه ماڻيندا. مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ پرڏيهي مان ڏيهه آيل ناڻي ۾ سالياني بنيادن تي 3.5 سيڪڙو جي اؤ??ر رڪارڊ ڪئي وئي. ملڪي روانگي واپار ۾ ان مُدي دوران 10.6 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، ان جي ابتڙ آمدني واپار ۾ سالياني بنيادن تي 5.3 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آ??ي. ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جي خسارن ۾ سالياني بنيادن تي 94.8 سيڪڙو جي نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جاري مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ کاتي جو خسارو 0.2 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذر??ل مالي سال جي ان مُدي ۾ 3.9 ملين ڊالر هو. مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ 8.1 سيڪڙو جو واڌارو رڪارڊ ڪيو ويو. ناڻي جي ذخيرن ۾ به جاري مالي سال دوران واڌ جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو. پرڏيهي ناڻي جي ملڪي ذخيرن ۾ جاري مالي سال دوران مجموعي طور 5.056 ارب ڊالرن جي نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. 30 جون 23ع تي پرڏيهي ناڻي جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 9.160 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 4.445 ارب ڊالر ۽ بئنڪن وٽ 4.715 ارب ڊالر هو. 31 مئي 24ع تي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جو مجموعي ڳاڻيٽو 14.216 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 9.110 ارب ڊالر ۽ بئنڪن وٽ 5.106 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو تقريبن 2 مهينن جي آ??دني واپار لاءِ ڪافي آ??ي. جاري مالي سال جي شروعات کان هن وقت تائين اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو مجموعي طور 4.664 ارب ڊالر ۽ بئنڪن وٽ 391 ملين ڊالرن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ ايف بي آرجي مجموعي محصولن ۾ سالياني بنيادن تي 31 سيڪڙو واڌ ٿي، مئي 24ع ۾ ايف بي آڙ کي 760 ارب رپيا جا محصول موصول ٿيا، جڏهن ته مقرر ڪيل هدف 745 ارب رپيا هئا، مئي ۾ اندروني ٽيڪس 43 سيڪڙو جو متاثر ڪندڙ اضافو ٿيو، نان ٽيڪس روينيو ۾ 94.8 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. پرائمري بيلنس 1615.4 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذر??ل مالي سال جي ان مُدي ۾ 503.8 ارب رپيا ه??. مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ زرعي شعبي کي 1.635 ٽريلين رپين جا قرض جا ڪيا ويا، زر وسيع ايم ٽو ۾ 3 مئي تائين 7.1 سيڪڙو جي شرح سان واڌ ڏسڻ ۾ آئي، جولاءِ کان اپريل تائين جي مُدي ۾ صارفين لاءِ قيمتن جي اهڃاڻن ۾ 26 سيڪڙو جي سطح تي رڪارڊ ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو گذر??ل مالي سال جي ان مُدي ۾ 28.2 سيڪڙو هو. اپريل ۾ صارفين لاءِ قيمتن جواهڃاڻ 17.3 سيڪڙو رهيو، جيڪو گذريل سال اپريل ۾ 36.4 سيڪڙو هو. مالي سال جي پهرين 9 مهين ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪچسينج ۾ 73.1 سيڪڙو کان وڌيڪ جي شرح سان اؤ??ر رڪارڊ ڪئي وئي. 24 مئي 24ع تي مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن جو ڳاڻيٽو 36.84 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو 3 جولاءِ 23ع تي 23.39 ارب ڊالر هو. مانيٽرنگ پاليسي ۽ مالي استحڪام لاءِ ترتيب ڏنل پاليسين سبب معيشت جٽادار راهه تي گامزن آهي. خريف جي فصلن مان زرعي سرگرمين ۽ پيداوار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، جنهن سان مجموعي اقتصادي اؤ??ر تي هاڪاري اثر پوندا.
قومي اقتصادي سروي جاري مالي سال 24-2023ع (اڄ) جاري ڪيو ويندو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج