اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪم??ل خان چيو آهي ته جرمني سپلائي چين ڊيو ڊيليجنس ايڪٽ جهڙن قدمن ذريعي پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه جرمني جي اقتصادي تعاون ۽ ترقي واري وزير سوينجا شولز سان پنهنجي آفيس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. واپار واري وفاقي وزير چيو ته ??اڪ??ت??ن جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي مصنو??ات جو عالمي سطح تي طلب ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان ۾ تربيت يافته مزدور موجود آهن. ڄام ڪم??ل جي ايس پي پلس اسٽيٽس کي حاصل ڪرڻ ۾ جرمني طرفان ??اڪ??ت??ن جي حمايت کي ساراهيو. ملاقات ۾ جرمن وزير شولز ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل جرمني ۽ ??اڪ??تان وچ ۾ پراڻي تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٽيڪسٽائيل سميت ٻين شعبن ۾ ڪيتريون ئي جرمن ڪمپنيون ??اڪ??تان ۾ ڪاميابي سان ڪم ڪري رهيون آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ڪاروباري لاڳاپا قائم آهن. جرمن وزير سمورن شعبن ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ان موقعي تي وفاقي وزير ڄام ڪم??ل چيو ته عورتن جي ڪردار کي وڌائڻ لاءِ حڪومت پرعزم آهي. ملاقات ۾ ??يش??ل ڪمپلائنس سينٽر (اين سي سي) تي روشني وڌي، ٻنهي وزيرن واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير جرمن وزير کي واپار واري وزارت ۾ اچڻ تي چادر جو روايتي تحفو به پيش ڪيو.
واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان جرمني جي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار