اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي کي ??رقرار رکڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، هن اعتمادسازي جي قدمن جي ذريعي علائقائي تعاون کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ايشيائي رابطن ۽ اعتمادسازي وارن قدمن واري ڪانفرنس (سيڪا) جي بنيادي مقصد جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ور??اء?? ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايشيائي رابطن ۽ اعتمادسازي قدمن واري ڪانفرنس (سيڪا) جي جنرل سيڪريٽري سفير ڪيرات سريبي ملاقات ڪئي. وزيراعظم اعتمادسازي جي قدمن ذريعي علائقائي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سيڪا جي بنيادي مقصد جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ور??اء?? ڪيو. هن ت??را??ن جي بنيادي سببن کي ??ل ڪرڻ، ت??را??ن کان بچڻ جي حڪمت عملي تي عمل پيرا ٿيڻ ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڊگهي مدي وارو حل تيار ڪرڻ جي اهميت کي ??جاگر ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 26 – 2025ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر طور پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي کي ??رقرار رکڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار به ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ سيڪا جي جاري ڪوششن کي ??اراهيو. سيڪريٽري جنرل سريبي وزيراعظم کي ??يڪا جي جاري سرگرمين ۽ قدمن سان گڏوگڏ مستقبل جي لاءِ تجويز ڪيل ويزن بابت آگاهه ڪيو. هن سيڪا ۾ پاڪستان جي فعال ۽ تعميري ڪردار کي ??اراهيندي ويجهو تعاون جاري رکڻ جي اميد ظاهر ڪئي.
پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری