اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته موٽر ويز ۽ هاءِ ويز جي سروس ايرياز ۾ شيون مهانگيون ٿ??ڻ جو نوٽيس ورتو وڃي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ م??ٽر ويز ۽ هاءِ ويز جي سروسز ايرياز ۾ کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿ??ڻ جي معاملي تي آسيه ناز تنولي جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي وفاقي وزير عبدالعليم خان ايوان کي ٻڌايو ته اها حقيقت آهي ته انهن ايرياز ۾ اگهه وڌيڪ آهن، پرائيس چيڪنگ اختيار ضلعي ۽ صوب??ئي انتظاميه جو آهي، وزارت ضلعي انتظاميه جي سهڪار سان چيڪنگ پڻ ڪئي آهي. هن چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته سروسز ايرياز ۾ شين جا اگهه ۽ معيار معمول موجب هجي ۽ ان حوالي سان قدم کنيا ويندا. زهره ودود فاطمي جي سوال تي هن چيو ته چيڪنگ جا اختيار مقامي ميجسٽريٽ وٽ هوندا آهن، جيڪڏهن انهن ايرياز ۾ معيار موجب شيون نه هوندي??ن ته انهن خلاف ڪاررو??ئي ٿيندي، اگهن کي معمول تي آڻڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. وفاقي وزير چيو ته انهن ايرياز ۾ هاڻي برانڊز پنهنجا آئوٽ ليٽس کوليا آهن، ابرابر احمد جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ضلعي انتظاميه سميت وزارت پڻ چيڪنگ جي حوالي سان هڪ طريقيڪار تيار ڪندي، هن چيو ته جي ٽي روڊ جي حالت صحيح ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.
موٽر ويز ۽ هاءِ ويز جي سروس ايرياز ۾ شيون مهانگيون ٿيڻ جو نوٽيس ورتو وڃي: وفاقي وزير عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری