اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) موٽر ويز ۽ جي ٽ?? روڊ تي حادثن جي روڪ ٿام ۽ مسافرن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ اهم قدمن تحت مواصلات واري وفاقي وزير عبد العليم خان ني??نل هاءِ وي اٿارٽي کان روزانو جي بن??اد تي حادثن جي ڊيٽا طلب ڪري ورتي آهي. مواصلات واري وزارت پاران جاري پڌرائي مطابق موٽرويز تي ٽريفڪ حادثن جي زخمين لاءِ 1122 سان گڏ هيلي ڪاپٽر سروس جي فراهمي شروع ڪرڻ تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي. مواصلات واري وفاقي وزير عبد العليم خان چيو ته سڄي ملڪ ۾ شهرين لاءِ موٽر ويز ۽ جي ٽ?? روڊ کي وڌ کان وڌ محفوظ هجڻ گهرجي. ني??نل هاءِ وي اٿارٽي کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ شارٽ ۽ لانگ ٽرم پاليسيون لاڳو ڪيو وڃن. مواصلات واري وفاقي وزير اين ايڇ اي سان مالي استحڪام لاءِ ايندڙ 5 سالن جو ايڪشن پلان طلب ڪندي چيو ته ني??نل هاءِ وي اٿارٽي سرڪاري فنڊن جي استعمال بدران قابل عمل منصوبن تي ڪم ڪري. هن اين ايڇ اي کي ني??نل ٽرانسپورٽ پاليسي جي تياري جو پڻ ٽاسڪ ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته اين ايڇ اي موٽر ويز تي ٽرڪن جي وڊيو سرويلنس يقيني بڻائي. ايڪسل لوڊ ڊي روڊ تي لاڳو ڪيو و??ي ۽ فريٽ اينڊ لاجسٽڪ پاليسي تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. وفاقي وزير اين ايڇ اي کي ٽال ٽيڪس گڏ ڪرڻ لاءِ جديد مڪينزم اختيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
مواصلات واري وفاقي وزير نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کان حادثن جي ڊيٽا طلب ڪري ورتي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان