پشاور -11س??پٽ??بر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي ??ورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته باباءِ قوم قائداعظم م??مد علي جناح جي قيادت ۽ سندس ڏاهپ اسان جي قومي تاري?? جو روشن باب آهي، اسان کي سندس فرمانن جي روشني ۾ پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جو عهد ڪرڻ گهرجي. باباءِ قوم جي ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته قائداعظم م??مد علي جناح جي اصولي سياست، بي لوث قيادت ۽ مسلمانن لاءِ هڪ ڌار وطن جي جدوجهد اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، اڄ اسان کي سندن فرمان جي روشني ۾ پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جو عهد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته قائداعظم اسان کي اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم جو درس ڏنو هو، اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان انهن اصولن تي هلندي وطن عزيز جي درپيش چئلينجز جو مقابلو ڪيون ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيون. گورنر چيو ته قائداعظم جو مشن پاڪستان کي هڪ ترقي يافته، امن پسند ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ هو جنهن کي تڪ??يل تائين پهچائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي.
قائداعظم جي قيادت ۽ سندس ڏاهپ اسان جي قومي تاريخ جو روشن باب آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo