اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ ان??شار ۽ فساد ڦهلائيندڙن جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف موثر ڪارروائ?? جي لاءِ گه??و وزير سيد محسن رضا نقو?? جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته فسادن جي خاتمي بابت وفاقي فورس جي جوڙجڪ، وفاقي فرانزڪ ليب قائم ڪرڻ، اسلام آباد سيف سٽي منصوبي ک?? جديد رخن تي قائم ڪرڻ ۽ پراسيڪيوشن کي مضبوط ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته 24 نومبر جي چڙهائي ک?? خيبرپختونخواهه ??ميت سمورن پاڪستانين رد ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ امن امان جي صورتحال تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم گذريل ڏينهن ۾ اسلام آباد ۾ ان??شار ۽ فساد ڦهلائيندڙن جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف موثر ڪارروائ?? جي لاءِ وفاقي گه??و وزير سيد محسن رضا نقو?? جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪري ڇڏي. قانون ۽ ان??اف وا??و وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وا??و وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات وا??و وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ سيڪيورٽي فورسز جا نمائندا پڻ ان ٽاسڪ فورس ۾ شامل هوندا. ٽاسڪ فورس 24 نومبر تي ان??شار ڦهلائڻ ۾ ملوث هٿياربند ماڻهن ۽ پرتشدد واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ک?? يقيني بڻائيندي ته جيئن انهن کي قانون موجب سزا ڏياري سگهجي. اجلاس ۾ وزيراعظم ملڪ ۾ اڳتي ڪنهن به قسم جي ان??شار ۽ فساد جي ڪوشش کي روڪڻ جي لاءِ فسادن جي خاتمي واري وفاقي فورس ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، فسادن جي خاتمي واري فورس کي عالمي معيار جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ سامان سان ليس ڪيو ويندو. اجلاس ۾ وفاقي فرانزڪ ليب قائم ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي. وفاقي فرانزڪ ليب ۾ اهڙن واقعن جي جاچ ۽ ثبوت گڏ ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ اسلام آباد سيف سٽي منصوبي ک?? جديد رخن تي قائم ڪرڻ، وفاقي پراسيڪيوشن سروس کي مضبوط ڪرڻ ۽ افرادي قوت وڌائڻ جي حوالي سان پڻ فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان الحمدالله استحڪام طرف گامزن آهي، پاڪستان جي استحڪام ۽ ترق?? جي دشمنن جا ڪڌا مقصد ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ??هادر ۽ غيرتمند عوام جو صوبو آهي، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ان??شاري، پرامن ۽ غيرتمند پشتونن جي نمائندگي نه ٿا ڪن. هن چيو ته 24 نومبر جي لشڪرڪشي ک?? خيبرپختونخواهه ??ميت سمورن پاڪستانين رد ڪري ڇڏيو، پاڪستان جي تحفظ ۽ ان جي معاشي ۽ قومي سلامت?? جي تحفظ جي لاءِ سڀني ک?? گڏجي اهڙي ڪڌي ڪوششن کي روڪڻو پوندو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصمم نير، وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، احد خان چيما، اعظم نذير تارڙ، عطاءُ الله تارڙ، صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خان، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران اسلام آباد ۾ انتشار ۽ فساد ڦهلائيندڙن جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف موثر ڪارروائي جي لاءِ گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس قائم
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال