اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي مڪمل شرڪت يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ان سلسلي ۾ اسان مختلف قانوني ۽ اداراجاتي فريم ورڪ جي ذريعي خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي ڀلائي جي لاءِ اهم قدم کنيا آهن، آءِ سي ٽي خصوصي ماڻهن جي حقن جو ايڪٽ 2020ع لاڳو ڪر?? هڪ تاريخي ڪاميابي آهي، ان ايڪٽ ۾ زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي بهتر پهچ، پيشيواراڻي تربيت، ملازمت جي موقعن ۽ هڪ جامع ماحول جي ضمانت ڏني وئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب معذور ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته اڄ اسان معاشري جي سمورن شعبن ۾ معذور ماڻهن جي حقن، ڀلائي ۽ شموليت جي فروغ جي لاءِ خصوصي ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، اڄ جي ڏينهن اسان خصوصي ماڻهن ۽ انهن جي خاندانن جي سگهه، همٿ ۽ قابل قدر ڪردار جو پڻ اعتراف ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي مڪمل شرڪت يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ان سلسلي ۾ اسان مختلف قانوني ۽ اداراجاتي فريم ورڪس جي ذريعي خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي ڀلائي جي لاءِ اهم قدم کنيا آهن، آءِ سي ٽي خصوصي ماڻهن جي حقن جو ايڪٽ 2020ع لاڳو ڪر?? هڪ تاريخي ڪاميابي آهي، ان ايڪٽ ۾ زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي بهتر پهچ، پيشيواراڻي تربيت، ملازمت جي موقعن ۽ هڪ جامع ماحول جي ضمانت ڏني وئي آهي. صدر چيو ته ايڪٽ تحت خصوصي ماڻهن جي حقن جي لاءِ ڪائونسل جو قيام معذور ماڻهن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ جامع ۽ ٺوس موقف ??رف اهم قدم آهي، اها ڪائونسل خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ ڀلائي جي لاءِ پاليسين جي جوڙجڪ ۽ لاڳو ڪرڻ سان گڏوگڏ آگاهي جي لاءِ هڪ مرڪزي اداري جي طور تي ڪم ڪندي. هن چيو ته پاڪستان خصوصي ماڻهن جي لاءِ خصوصي تع??يم ۽ تربيت جي اهميت جو ادراڪ رکي ٿو، ان سلسلي ۾ خصوصي ماڻهن جي مختلف ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ خصوصي تعليمي مرڪزن ۽ پيشيواراڻي تربيتي ??دارن جو هڪ ملڪ گير نيٽ ورڪ تيار ڪيو آهي، خصوصي ماڻهن جي پاڻڀرائپ ۽ انهن کي معاشري جو ڪارائتو ميمبر بڻائڻ جي لاءِ اهو مرڪز خصوصي ماڻهن کي ضروري مهارتن ۽ تع??يم سان ليس ڪندو. وڌيڪ اهو ته سرڪاري نوڪرين ۾ خصوصي ڪوٽا لاڳو ڪرڻ سان معذور ماڻهن کي روزگار جي موقعن تائين پهچ حاصل ٿيندي. صدر چيو ته جيتوڻيڪ خصوصي ماڻهن جي لاءِ ڪافي قدم کنيا ويا آهن پر اڃا به تمام گهڻو ڪم ڪرڻ با??ي آهي، اسان کي معاون ٽيڪنالاجي ۽ عوامي جاين تائين انهن جي پهچ وڌائڻ ۽ سازگار قانوني، سماجي ۽ معاشي حالتون پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن روزگار، راندين، تع??يم ۽ ٻين سماجي ۽ اقتصادي سرگرمين سميت سمورن شعبن ۾ انهن جي شرڪت کي يقيني بڻائي سگهجي، اسان کي خصوصي ماڻهن کي معياري تعليم، هنر، صحت جي سهولتن، مهارتن ۽ قابليت جي بنياد تي ??وزگار ۽ نوڪرين جي ڪوٽا تي مڪمل طور تي ??ملدرآمد ڪري هڪ سازگار ماحول فراهم ڪرڻو آهي. صدر معاشري جي سمورن طبقن تي ??ور ڏنو ته اهي هڪ اهڙو معاشري جوڙڻ ۾ اسان جي مدد ڪن جتي ??صوصي ماڻهن سان عزت وارو سلوڪ ڪيو وڃي ۽ انهن کي ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ جي لاءِ ضروري وسيلا مهيا ڪيا وڃن، گڏجي هڪ اهڙي جامع پاڪستان جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون جتي هر ماڻهو کي ان جي اهليت کان هٽي ڪري پنهنجون صلاحيتون نکارڻ جو موقعو ملي.
پاڪستان زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي مڪمل شرڪت يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری