اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف متني ضلعي پشاور، بازئي ضلعي مهمند ۽ ضلعي ڪرڪ ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسر?? ۽ ??هلڪارن کي ساراهيندي چيو آهي ته فتنه الخوارج جي ملڪ جي امن امان کي خراب ڪرڻ جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن دوران 19 خارجين کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جو??نن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. وزيراعظم آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن لانس حوالدار عباس علي، نائيڪ محمد نذ??ر ۽ نائيڪ محمد عثمان کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته فتنه الخوارج جي ملڪ جي امن امان کي خراب ڪرڻ جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين. هن چيو ته م??ن سميت پوري قوم سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪري ٿي، سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار ۽ جو??ن پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پاڪ وطن کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن. وزيراعظم چيو ته م??ڪ جي بقاءَ جي خاطر سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جو??نن جون لازوال قربانيون آهن، مون سميت پوري قوم دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم شهيدن ??ي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران خيبرپختونخواهه ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن