اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جو ڌيان فلمي صنعت جي بحالي ۽ ترقي تي آهي ۽ حڪومت پاڪستان فلم انڊسٽري جي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ ڀارتي فلمن جي نم??ئش جي اثرن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ موجوده پاليسي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستاني سئنيما انڊسٽري جي بحالي ۽ فروغ جي لاءِ ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ پاليسي جوڙي وئي آهي ته جيئن فلم انڊسٽ??ي کي فروغ ڏئي قومي ثقافت کي وڌائي سگهجي. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم پاڪستاني فلم انڊسٽ??ي کي درپيش چئلينجن جي حل لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جنهن ۾ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاء?? ناليوارن فنڪارن، پروڊيوسرز ۽ نم??ئش ڪندڙن سميت سمورين ڌرين شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں