اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان جا ڪرغزستان سميت شنگهائي تعاون تنظيم جي سمورن ميمبر ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان سدائين امن جي حمايت ڪئي آهي ۽ دهشتگ??دي جي خلاف جنگ وڙهي آهي، پاڪستان نه رڳو خطي پر پوري دنيا مان دهشتگ??دي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ خاص طور ت?? تعليم، غربت، خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين جهڙين براين جي خاتمي جو خواهشمند آهي، صحت ۽ انساني شعبن ۾ تعاون ۽ تحفظ خوراڪ جي فروغ جي ذريعي شهرين جي روزمره زندگي بابت شنگهائي تعاون تنظيم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي، بدعنواني ۽ وائٽ ڪالر ڪرائم جي خاتمي لاءِ جامع فريم ورڪ تيار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بشڪڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي س??بر??هه اجلاس 2019ع کانپوءِ حاصل ٿيندڙ تجربن ۽ ان تي اڳڀرائي بابت مباحثي کي خطاب ڪن??ي ڪيو.
پاڪستان سدائين امن جي حمايت ڪئي آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان