ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن سميت معاشري جي سمورن ڪمزور طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انهن کانسواءِ مجموعي ترقي جا مقصد حاصل نٿا ٿي س??هن، مسئلن جي حل جي حوالي سان بهتر منصوبابندي لاءِ درست انگ اکر هجڻ ضر??ري آهن، ان سلسلي ۾ احساس پروگرام تحت معذور ماڻهن جو سروي ڪيو پيو وڃي، ڪمزور طبقن جو تحفظ ۽ ڀلائي موجود حڪومت جي اولي?? ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پُرعزم ماڻهن جي حوالي سان ڪانفرنس ۽ ورچوئل نمائش ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته معاشري جي ڪمزور ۽ محروم طبقن جي حقن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي تحفظ لاءِ به ق??م کنيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ عورتن، خصوصي ماڻهن ۽ ٿيليسيميا جي مريضن سان مختلف وقتن ۾ ويهڪن جو اهتمام ڪيو وي??. ا?? موقعي تي صدر عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن لاءِ مهم جي قيادت ڪرڻ تي بيگم ثمينه عارف علوي کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي بابت منصوبابندي لاءِ ضر??ري آهي ته انهن جي تعداد بابت درست انگ اکر موجود هجن، ان مقصد لاءِ احساس پروگرام تحت هڪ سروي ڪيو پيو وڃي، هن چيوته وراثت ۾ عورت جو حق ڏيڻ احسان نه پر ذميداري آهي.
ڪمزور طبقن جو تحفظ ۽ ڀلائي موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر