اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پنهنجو گهر اسڪيم سان ملڪ ۾ تعميراتي شعبي ۾ انقلاب ايندو، اهو منصوبو پاڪستا?? جي عوام کي پنهنجو گهر، روزگار جا موقعا، ملڪي دولت ۾ اضافي ۽ معيشت کي فروع ڏيندو، ملڪ جي مستقبل جي لاءِ هي اهم منصوبو آهي، اسٽيٽ ??ئنڪ ۽ نيشنل بئنڪ جا سربراهه عوام جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. هو هائوسنگ ٽيلي ٿان کي ٽيليفونڪ خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اسٽوڊيو ۾ سينيٽر شبلي فراز، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين، اسٽيٽ ??ئنڪ جو گورنر رضا باقر، نيشنل بئنڪ پاڪستان جو صدر موجود هئا. ماڻهن پاران ان موقعي تي سڌوسنئون ڪالز ڪري پنهنجي مسئلن کان آگاهه پڻ ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀي??و اهڙن ماڻهن کي موقعو ڏنو پيو وڃي جيڪي پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جي صلاحيت نه ٿا رکن، انهن کي هي ??وقعو ڏنو پيو وڃي ته جيڪا رقم اهي گهر?? جي ڪرايي جي مد ۾ ڏئي رهيا آ??ن اها ئي قسط ادا ڪن. يورپ آمريڪا ۾ اهڙي طرح بئنڪن کان قرض وٺي گهر خريد ڪيا وڃن ٿا جڏهن ته پاڪستان ۾ اهو رواج نه هو. اسان پهريون ڀي??و اهو شروع ڪيو آهي. ??ن اسٽيٽ ??ئنڪ آف پاڪستا?? جي گورنر رضا باقر ۽ نيشنل بئنڪ جي صدر کي هدايت ڪئي ته اهي ??رض حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون ختم ڪن ۽ عوام جي لاءِ آسانيون پيدا ڪن. ??ن اسٽيٽ ??ئنڪ جي گورنر کي تاڪيد ڪئي ته هو سمورين بئنڪ?? جي سربراهن کي ٻڌائي ته بئنڪ ماڻه?? جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري.
پنهنجو گهر اسڪيم سان ملڪ ۾ تعميراتي شعبي ۾ انقلاب ايندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج