بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان بيجنگ ۾ سرمائي اولمپڪس راندين جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت جي گڏيل رشتن، دوستي ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن جي سم??رن رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ حصيداري کي وسيع پئماني تي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ اهم منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ عملي قدم جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. ??زي??اعظم عمران خان واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ وڌ??ئڻ?? خاص طور تي تاريخي ٻطرفي ٽرانزٽ ٽريڊنگ ايگريمينٽ (يو پي ٽي ٽي اي) کي فعال ڪرڻ ۽ ترجيحي واپاري معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ??زي??اعظم ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي حوالي سان پاڪستان جي مڪمل ح??ايت کي پڻ ورجايو ۽ ايندڙ مهينن ۾ ان تي وڌيڪ اڳڀرائي جي لاءِ قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻطرفن ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ??زي??اعظم سياحت کي وڌ??ئڻ?? سڌوسنئون اڏامن جي بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ، بئنڪنگ رابطن کي مضبوط ۽ ويزا جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن تعليم ۽ ثقافت ۾ تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ بابري ورثي بابت گڏيل فلم ۽ ازبڪ زبان ۾ پاڪستاني ڊرامن جي ڊبنگ سم??ت گڏيل تحقيق ۽ ميڊيا منصوبن تي اڳڀرائي کي تسليم ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن ۽ استحڪام جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ افغان صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ عالمي برادري پاران افغانستان جي لاءِ اقتصادي ۽ انساني امداد جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. عملي رابطن جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان علائقائي استحڪام سان گڏوگڏ انفراسٽرڪچر ۽ رابطن جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ انتهائي ضروري آهي. ??زي??اعظم عمران خان چيو ته پاڪستاني عوام ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف جي پاڪستان جي دوري تي سندس استقبال جي منتظر آهي. ٻنهي ڌرين دوري جي ٺوس نتيجن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
وزيراعظم عمران خان سان ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو