دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ??طر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني پاڪستان ??طر ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل د??چسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ دوحه ۾ ديوان اميري ۾ ملاقات ٿي. وزيراعظم سان گڏ ڪابينا جي وزيرن ۽ سينيئر ميمبرن سميت اعليٰ سطح جو وفد پڻ هو. ديوانِ اميري پهچڻ تي وزيراعظم جو استقبال ??طر جي امير ڪيو. وزيراعظم کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. ان کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن وفدن جي سطح تي مشاورت ڪئي، جنهن کانپوءِ امير پاران وزيراعظم ۽ سندس وفد جي مان ۾ مانجهاندو ڏنو ويو. پنهنجي وسيع مشاورت دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن پاڪستان ??طر ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل د??چسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين گڏيل واپار کي وڌائڻ جي لاءِ اداراجاتي رابطن کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. وڌيڪ اهو ته زراعت، خوراڪ، توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي، سياحت ۽ مهمان نوازي جي شعبن ۾ ??طر جي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي تي اتفاق ڪيو ويو. ??طر ۾ ڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندڙ پاڪستانين کي وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ ۽ دفاع، ايوي ايشن ۽ ميري ٽائيم جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ??طر جي شاندار اقتصادي ترقي کي ساراهيندي وزيراعظم قطري قيادت جي بصيرت کي ساراهيو ۽ مستقبل ۾ قطري عوام جي لاءِ وڌيڪ ڪاميابين جي خواهش جو اظهار ڪيو. ايل اين جي تعاون جي شعبي ۾ ??طر سان پاڪستان جي ڊگهي مدي واري حصيداري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ ??طر جي اهم تعاون تي امير جا ٿورا مڃيا. ٻنهي ڌرين توانائي جي شعبي ۾ گڏيل فائديمند تعاون جي لاءِ نيون راهون پڻ ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم چيو ته ??طر ۾ ڪم ڪندڙ ۽ رهندڙ پاڪستاني نه رڳو ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي جي لاءِ سگهه جو سبب آهن پر عوام سان عوام جي رابطي جي اهميت جو پڻ ثبوت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ??طر جي تيز رفتار اقتصادي ترقي مستقبل ۾ پاڪستانين جي لاءِ وڌيڪ موقعا فراهم ڪندي. وزيراعظم ??طر جي حڪومت پاران فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي ميزباني جي لاءِ ڪيل وسيع انتظامن کي ساراهيو. هن قطري قيادت کي ميگا ايونٽ جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو يقين ڏياريو. وزيراعظم ۽ امير خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم افغانستان ۾ امن ۽ مفاهمت جي فروغ جي لاءِ ??طر جي پراڻي ۽ مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن افغان عوام کي درپيش سنگين انساني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال جو ذڪر ڪندي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو. خطر جي امير وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس مڪمل ڪاميابي جي خواهش ڪئي. هن پاڪستان جي عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. امير ??طر جي وزيراعظم کي پاڪستان سان مضبوط اقتصادي حصيداري قائم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ??طر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي پاڪستان ۾ مختلف واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ 3 بلين آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري جي تياري تي ??طر جي امير جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي امير ??طر جي ترقي ۾ پاڪستانين جي اهم ڪردار کي ساراهيو ۽ ??طر ويزن 2030ع موجب پاڪستانين جي لاءِ روزگار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ جي ??طر جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون ۾ موجوده رفتار کي برقرار رکڻ جي لاءِ لاڳيتو اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي اهميت تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم ??طر جي امير کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. پاڪستان ۽ ??طر جي وچ ۾ پراڻا، ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي، گڏيل اعتماد ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل آهي. اپريل 2022ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو هي ??طر جو پهريون دورو آهي.
وزيراعظم ۽ قطر جي امير پاران ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار، گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز