اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) ٿائيلينڊ ٽيڪسلا ميوزيم کي ٻُ?? جي هڏين جي آثارن لاءِ هڪ جديد ترين ڪنٽينر تحفي ۾ ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس موجب اهو ڪنٽينر ٽيڪسلا ميوزيم ۾ هڪ تقريب ۾ حوالي ڪ??و ويو. تقريب ۾ ٿائيلينڊ جي سفارتخاني جي سفارتڪارن، پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن ۽ ٽيڪسلا ميوزيم جي ڊائريڪٽر شرڪت ڪئي. ٿائيلينڊ جي سفير چڪريڊ ڪراچائي وونگ، ايڊيشنل سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) ۽ ترجمان ممتاز زهره بلوچ کي ڪنٽينر پيش ڪيو جنهن پاڪستان پاران ان کي وصول ڪيو. مقدس آثار سان گڏ ڪنٽينر ٽيڪسلا ميوزيم ۾ مستقل نمائش جي لاءِ رک??و ويندو. ٽيڪسلا جو ق??يم شه?? ٻڌ مت جي تاريخ ۾ هڪ خاص اهميت رکي ٿو.
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت