اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پنهنجي ملڪ جي تقدير جص ضامن نوجوانن ۽ شاگردن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ کان وڌيڪ منهنجي لاءِ ڪا ٻي خوشي ناهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته گذريل ڏينهن وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم جي ملڪ گير آغاز اهو سفر ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو جيڪو پنجاب ۾ ميان نواز شري?? جي قيادت ۾ م??لم ليگ(ن) جي حڪومت شروع ڪيو هو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اهو هڪ دلچسپ سفر آهي ته ڪهڙي طرح انهن ليپ ٽ??پس شاگردن کي انهن جي پڙهائي، ڪاروباري بڻائڻ ۽ گذريل ڏهاڪي دوران فائدي مند ڪيريئر بڻائڻ ۾ م??د ڪئي. ليپ ٽاپ اسڪيم واقعي گيم چينجر ثابت ٿي آهي جنهن جي سبب ڪاميابي جون شاندار ڪهاڻيون سامهون آيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته موجوده اسڪيم تحت پاڪستان جي شاگردن ۾ م??حليوار هڪ لک ليپ ٽاپ ورهايا ويندا. ماضي وانگر، شفافيت ۽ ميرٽ وصول ڪندڙن جي چونڊ ۾ رهنما اصول هوندا.
ملڪ جي تقدير جي ضامن نوجوانن ۽ شاگردن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ کان وڌيڪ ڪا ٻي خوشي ناهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام