لاهور -15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اولڊر اوين ايسوسيئيشن جي چونڊيل عهديدارن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گ??رنمينٽ ڪاليج يونيور??ٽي مان فارغ التحصيل قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق ان موقعي تي وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته گورنمينٽ ڪاليج يونيور??ٽي جون بيشڪ ملڪي تعليمي ميدان ۾ ساراهه جوڳيون خدمتون آهن، گورنمينٽ ڪاليج يونيور??ٽي هن ملڪ جي نمايان درسگاهه آهي جنهن وڏا ناليوارا سپوت پيدا ڪيا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گورنمينٽ ڪاليج مان تعليم پرائي نڪتل شاگرد زندگي جي مختلف شعبن ۾ تعميري ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن. شرڪت ڪندڙن چيو ته اسان لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي، ته هن ملڪ جو وزيراعظم پاڻ گورنمينٽ ڪاليج مان تعليم?? يافته آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف گورنمينٽ ڪاليج يونيور??ٽي ۾ پنهنجي شاگردي واري دور ۾ ۽ استادن کي خوشگوار لفظن ۾ ياد ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف اولڊر اوين ايسوسيئيشن جي تعليمي ترقي ۽ ٻ??ن فلاحي منصوبن ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي اولڊر اوين ايسوسيئيشن جي وفد وزيراعظم محمد شهباز شريف ک?? يادگاري شيلڊ ۽ تصوير پڻ پيش ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز سان اولڊر اوين ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عهديدارن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina