اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڄ اسان فخر سان پاڪس??ان جي قومي جانور مارخور جو پهريون عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، مارخور هڪ عظيم الش??ن جانور تصور ڪيو وڃي ٿو جيڪو اس??ن جي ڀرپور قدرتي ورثي جي علامت آهي. پاڪس??ان جي قومي جانور مارخور جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ هن چيو ته مارخور پنهنجي منفرد ڪارڪ اسڪرو جي شڪل جي سِڱن سان حياتياتي تنوع جي تحفظ ۽ ماحولياتي توازن کي برقرار رکڻ جي لاءِ اس??ن جي عزم جي نمائندگي ڪري ٿو. شهباز شريف چيو ته 2 مئي 2024ع تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اعلان موجب هي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن ڏينهن کي عالمي سطح تي ملهائڻ جو فيصلو جهنگلي جيوت جي تحفظ ۾ اس??ن جي قوم جي ڪوششن ۽ ڪاميابين جو اعتراف آهي. وزيراعظم چيو ??ه گذريل هڪ ڏهاڪي دوران مارخور جي آبادي ۾ نمايان اضافو قدرتي ماحول جي تحفظ جي لاءِ پاڪس??ان جي لگن جو واضح ثبوت آهي، مارخور جي تحفظ جي پروگرامن ۾ ??قا??ي ڪميونٽيز جي تعاون ۽ سائنسي تحقيق جو اهم ڪردار آهي. شهباز شريف چيو ته پاڪس??ان جهنگلي جيوت ۽ نباتات جي خطري ۾ ورتل انواع ۾ عالمي واپار جي ڪنوينشن جي پرعزم صحيحون ڪندڙ طور عالمي واپار جي ڪنوينشن ڪيٽيگري – 1 ۾ هڪ نمايان درجو رکي ٿو، ان حوالي سان ڪيل خصوصي قانونسازي، پاڪس??ان ٽريڊ ڪنٽرول آف وائلڊ فائونا اينڊ فلورا ايڪٽ 2012ع، ذميواراڻي واپاري طريقن ۽ خطري ۾ ورتل انواع جي ڀلائي جي لاءِ اس??ن جي وابستگي کي واضح ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته مارخور جي هن عالمي ڏينهن تي آئون سمورن پاڪستانين ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪريان ٿو ته اهي ماحولياتي تحفظ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪن. وزيراعظم چيو ته اچو نه رڳو مارخور پر انهن سمورن انواع جي تحفظ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون جيڪي اس??ن جي زمين جي حياتياتي تنوع کي سگهه بخشين ٿا. اچو اسان ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ پائيدار ۽ محفوظ مستقبل يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون.
پاڪستان جي قومي جانور مارخور جو پهريون عالمي ڏينهن، مارخور هڪ عظيم الشان جانور تصور ڪيو وڃي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک