اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي 25 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت ??يش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد ڪارگل جي محاذ تي بي مثال بهادري، جرئت ۽ شجاعت جو مظاهرو ڪيو جنهن جي دشمن به تعريف ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگهيو. ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد وطن سان وفاداري، فرض شناسي ۽ وطن جي دفاع جي لاءِ جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ويڙهه جو ??هڙ?? مثال قائم ڪيو جنهن کي رهندڙ دنيا تائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد (نشان حيدر) ۽ سندس گهرڀاتي سڄي قوم جي لاءِ قابل فخر آهن. پاڪستاني فوج جون ملڪ جي لاءِ دفاع جي خاطر لازوال قربانيون آهن. مون سميت ??ڄي قوم پاڪ فوج جي جوانن جي ملڪ جي حفاظت جي اڻٿڪ عزم کي سلام ??يش ڪري ٿي.
وزيراعظم پاران ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي 25 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔